
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) جيئو نيوز موجب وائيٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولائن ليوٽ جو چوڻ آهي ته چين تي اضافي ٽيرف ڪل 104 سيڪڙو، 9 اپريل کان لاڳو ڪيو ويندو
هن چيو ته 70 ملڪن ٽيرف تي بحث لاءِ آمريڪا سان رابطو ڪيو آهي
وائيٽ هائوس موجب، صدر ٽرمپ ڪاروباري ڳالهين ۾ پرڏيهي امداد ۽ انهن ملڪن ۾ آمريڪي فوج جي موجودگي تي ڳالهه ٻولهه ڪندو، معاهدو اهڙي طريقي سان ڪيو ويندو جيڪو آمريڪي ملازمن کي فائدو ڏئي ۽ جنهن سان ڪاروباري خسارو گهٽ ٿئي
هن چيو ته ملڪن سان ڳالهيون جاري رهنديون ۽ جوابي ٽيرف لاڳو ڪيا ويندا ٽرمپ پنهنجي ڪاروباري ٽيم کي ڪاروبار جا معاهدا تيار ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي آهي
ترجمان چيو ته ايران هڪ ايٽمي معاهدي ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ ڇنڇر تي ايران سان به ڳالهيون ٿينديون
ياد رهي ته چين آمريڪي صدر ٽرمپ جي 50 سيڪڙو وڌيڪ ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي تي سخت جواب ڏنو هو.