
خيرپور ( رپورٽ: زبير سومرو ) پوليس موجب گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ نياز بادامي، احد چنا، وقاص چنا، فھيم چنا ۽ انيسا چنا شامل آهن، ان حوالي سان ايس ايس پي خيرپور ڊاڪٽر سميع الله سومرو جو چوڻ آهي ته گرفتار ڪيل جوابدارن وٽان ڏوهه ۾ استعمال ڪيل هٿيار ۽ صحافي اي ڊي شر جو موبائل فون پڻ هٿ ڪيو ويو آهي
ايس ايس پي موجب واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي جڏهن ته مقتول جي سئوٽ طارق اڪبر شر جي فرياد تي گرفتار ڪيل جوابدارن خلاف ٺري ميرواهه ٿاڻي تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ايس ايس پي خيرپور جو چوڻ آهي ته صحافي اي ڊي شر کي ڇوڪري سان لاڳاپن جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو آهي.