
ڪي اين شاهه ( رپورٽ: عبدالغفار چانڊيو ) دادو جي اسپتال ۾ هڪ گردي واري عورت ٽن ڌيئرن کي جنم ڏنو اسپتال انتظاميه موجب ٽئي ٻارڙيون ۽ عورت بلڪل صحتمند آهن
ڊي ايڇ او دادو ڊاڪٽر سيد امداد شاهه جي ڪوششن سان قائم ماءُ ٻار صحت مرڪز شهيد سيد علي مردان شاهه ڦڪا ۾ دادو جي علائقي خانپور جوڻيجو واسي عورت جو علاج ڪيو ويو
ڊاڪٽر سلمه جمالي چيو ته مختلف اسپتالن مان واپس ٿيل عورت جو اسان سيزر ڪيو، سيزر ذريعي خانپور جوڻيجو لڳ ٻيلو پتڻ جي رهواسڻ هڪ گردي واري عورت ٽن نياڻين کي هڪ ئي وقت جنم ڏنو، عورت جي گهر ڀاتين پاران خوشي جو اظهار ڪيو آهي