
ميرپورماٿيلو ( رپورٽ: عمر ڪورائي ) ٻڌڻي تي اڳوڻو ايم پي اي شهريار شر زخمي حالت ۾ عدالت ۾ پيش، پيشي تي ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر به پيش ٿيو آهي عدالت سڳوري سردار شهريار جي ڪچي ضمانت ۾ 25 اپريل تائين واڌ ڪري ڇڏي
ان موقعي تي سردار مير شهريار خان شر جو چوڻ هو ته مونکي ناحق ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي، مقتول ظفر ڏھر جي وارثن کي چوان ٿو پنهنجو ڪيس خراب نه ڪن، جڏهن ته ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ هو ته معاملو عدالت ۾ آهي ان ڪري ڪجهه نه چوندس، مھتاب ڏهر نو ڪمينٽس چئي روانو ٿي ويو