
اسلام آباد، ڪي پي ۽ پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا محسوس ڪيا ويا، ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 5 ڏهائي 5 رڪارڊ ڪئي وئي، ۽ زلزلي جي زمين اندر اونهائي 12 ڪلوميٽر هئي، زلزلي جو مرڪز راولپنڊي جي اوتر اولهه کان 60 ڪلوميٽر پري هو، راولپنڊي، اٽڪ، چنيٽو، چڪوال، ميانوالي ۽ ٻين شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، پشاور، مردان، مهمند، شب قدر، لڪي مروت، نوشهرا، صوابي، لوئر دير، مالاڪنڊ ۾ به زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، زلزلي سبب ماڻهو خوف وچان گهرن ۽ آفيسن مان ٻاهر نڪري آيا