
پيپلز پارٽي سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال اڏڻ جي سخت خلاف آهي، تڪراري ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين:صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جو ٺٽي ۾ پيپلز پارٽي ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي عهديدارن ۽ ورڪرز جي گڏجاڻيءَ کي خطاب، سندس چوڻ آهي ته هن سال بجيٽ ۾ ٺٽي ۽ سجاول جي نين اسڪيمن کي شامل ڪيو ويندو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو حڪم آهي ته مقامي ماڻهن کان ترقياتي ڪمن لاءِ تجويزون ورتيون وڃن