
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) دنيا جي قديم تھذيبن واري ماڳ موھن جي دڙي تي 60 سالن کانپوءِ مک کوٽائي شروع، تحقيقي مقصد لاءِ ايل ايريا ۾ ٿيندڙ کوٽائي جي نگران دنيا جو مشھور آرڪيولاجسٽ ڊاڪٽر جونـٿن مارڪ ڪينائير ڪري رھيو آھي
سنڌ جي قديم آثارن واري کاتي ۽ هڪ تنظيم جا ماھر 30 مئي تائين کوٽائي جو ڪم جاري رکندا، موھن جي دڙي تي آخري وڏي کوٽائي 1964 ۽ 1965ع ۾ آمريڪي ماھر ڊاڪٽر ڊيـلس جي نگراني ۾ ٿي ھئي،موھن جو دڙو جي قديمي ماڳ ۾ صرف 10 سيڪڙو ايراضي جي کوٽائي ٿي سگھي آھي
قديم آثارن واري کاتي موجب، ھن قديم ترين تھذيبي ماڳ ڊي ايريا ۾ 18 سال اڳ مختصر کوٽائي ٿي ھئي، 48 ۽ 50 ڊگري گرمي پد ۾ ماھر فجر کان ٻن پهرن کان اڳ تائين کوٽائي ڪن ٿا