
( مانيٽرنگ ڊيسڪ ) پاڪستاني نوجوان جي محبت ۾ ڪراچي آيل آمريڪي عورت اونيجا جناح اسپتال جي نفسياتي وارڊ ۾ علاج هيٺ آهي، اسپتال ذريعن موجب، آمريڪي عورت کي گذريل رات جناح اسپتال آندو ويو هو. اسپتال جي ذريعن موجب، اونيجا کي پوليس آندو هو، اونيجا جا پير تمام گهڻا سڄي ويا آهن ۽ هوءَ عجيب ڳالهيون ڪري رهي آهي، اونيجا جا مختلف ٽيسٽ ڪيا ويندا.